انجمن همدرد اسلام

انجمن همدرد اسلام: هيءُ انجمن 31-1930ع ۾ شڪارپور ۾ قائم ڪئي وئي. هن انجمن جو صدر علي بخش سومرو ۽ سيڪريٽري عبدالوهاب ولد نور محمد سومري ۽ احمد نواز عرف غلام رسول سومرو هئا. انجمن پاران ’مسلم اجمل لئبرري قائم ڪئي ويئي هئي، جنهن ۾ شهري اچي مطالعو ڪندا هئا. ان کان سواءِ هن انجمن پاران نائيٽ اسڪول به قائم ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ديني تعليم ۽ پرائمري تعليم ڏني ويندي هئي. هن انجمن پاران اسلامي تهوارن تي پمفليٽ ۽ ڪتابچا شايع ڪرائي مفت ورهايا ويندا هئا. اهڙن ڏينهن تي مولودن ۽ نعت جا ننڍا ننڍا مجموعا به شايع ڪرايا ويندا هئا. سن 1936ع ۾ عيد ميلادالنبيءَ جي موقعي تي هن انجمن پاران ’اسان جو مدني آقا‘ نالي هڪ ڪتاب شايع ڪرائي مفت ورهايو ويو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو